ڪنڌڪوٽ سڱاوتي تڪرار تان شيخ برادري جي ٻن ڌرين م جهيڙو هڪ ٻئي لٺين جو وسڪارو لائي ڏنو 10 ڄڻا سخت زخمي

تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڊگري ڪاليج روڊ سان چنه پٽي ۾ شيخ برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي مٿان لٺين جو وسڪارو لاهي ڏنو جنهن جي نتيجي م لٺيون لڳڻ سبب 10 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا زخمين ۾ حاڪم۔سوريا۔رهزن۔غلام محمد۔علي گوهر۔علي محمد۔شيرمحمد شيخ سميت ٻيا شامل آهن زخمين مان هڪ ڄڻي جي حالت ڳڻتي جوڳي هئڻ ڪري سکر ريفر ڪيو ويو آهي پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي علائقي ۾ خوف وارو ماحول ڇانيل آهي علائقي واسين گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن