ڪنڌڪوٽ شهر جي صرافا بازار جي وڌي شاھ وٽ ڪار ۾ سوار هٿياربندن درگاھ تي دعا گهرڻ آيل شيخ برادري جي عورتن ۽ ٻارڙن سميت کنڀي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش

ڪنڌڪوٽ شهر جي صرافا بازار جي وڌي شاھ وٽ ڪار ۾ سوار هٿياربندن درگاھ تي دعا گهرڻ آيل شيخ برادري جي عورتن ۽ ٻارڙن سميت کنڀي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ون فاء جي انچارج جي موقعي تي پهچي ڪار جو پيڇو ڪندي هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو ٽي فرار ٿي ويا عورت ۽ ٻارن کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو ڪيس داخل ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته عورت گهران ڀڄي نوجوان سان نڪتي ۽ پڪڙجي پئي مليل ڄاڻ موجب ڪنڌڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد صرافا بازار نزد وڌي شاھ وٽ عورت پنهنجي سس معصوم ٻارڙن سان گڏ درگاھ وڌي شاھ وٽ دعا گهرڻ لاءِ آئي جتي ڪار ۾ سوار هٿياربندن عورت کي ٻن معصوم سميت اغوا ڪري وڃي رهيا هئا ته اطلاع تي تي ون فاء جي انچارج راجہ صوڀو خان بنگوار موقعي تي ڪار جو پيڇو ڪيو فائرنگ ڪري ڏني عورت ڪار جي پويان ڪڍ لڳي پئي پنهنجي مردن کي پڻ اطلاع ڪيو اهي به موقعي تي پهچي ويا پوليس پهچي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو جڏهن ته ٽي جوابدار فرار ٿي ويا پوليس عورت ۽ معصوم ٻارڙن کي اغوا ٿيڻ کان ٻچائي ورتو آهي هوڏانهن ذريعن موجب ته عورت پنهنجي ٻن معصومن سان گڏ گهران نڪري نوجوان سان نڪري پئي عورت ننهن جو پيڇو ڪيو جيڪا موقعي تي پنهنجن مردن کي پڻ اطلاع ڪيو واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي