تفصيل موجب؛ ڪنڌڪوٽ شھر ۾ ڊرينيج سسٽم خراب ٿيڻ ڪري گندو پاڻي نيڪال مسئلو بڻجي ويو اڪثر پاڙن ۾ گندو پاڻي روڊ رستن تي تلاءُ جي صورت ۾ بيٺل آهي ھاءِ اسڪول گھٽي، ڪاليج روڊ، ميگھواڙ پاڙي ۾ ڪيترن ڏينهن کان گندو پاڻي تلاءُ جي صورت اختيار ڪيل آهي جنهن ڪري علائقي جا ھزارين ماڻھون مجبورن گندي پاڻي مان گذرڻ تي مجبور آهن اسڪولي ٻار، بزرگ، عورتون گندي پاڻي مان گذرن پيون گندي پاڻي سبب علائقي ۾ مختلف بيمارين منھن ڪڍيو آهي غريب مسڪين مزدور طبقو بيمارين جي وڙ چڙھيل آهي اھڙي شڪايت ڊي سي ڪنڌڪوٽ امير فضل اويسي کي به ڪئي جنهن به ڪجھ نه ڪيو بيٺل پاڻي بدبودار ٿي ويو ڪيترائي گھر پاڻي جي ليپٽ ۾ اچي ويا آهن انتظاميا صرف خالي ڏيکاءُ ڪرڻ ۾ ھي پوري آهي علائقي واسين سنڌ حڪومت، چونڊيل نمائندن سميت وس وارن کان اپيل ڪئي آهي ته عوام لاءِ جيڪو آزار آهي انھي کي فوري حل ڪيو وڃي،