ڪنڌڪوٽ : شھر مان 37 ڏينھن اڳ اغوا ٿيل معصوم ٻار صداقت حاجاڻو کي پوليس آپريشن دوران ڪچي مان بازياب ڪرائي ورتو گھر پھچڻ تي

ڪنڌڪوٽ : شھر مان 37 ڏينھن اڳ اغوا ٿيل معصوم ٻار صداقت حاجاڻو کي پوليس آپريشن دوران ڪچي مان بازياب ڪرائي ورتو گھر پھچڻ تي خوشي جو ماحول بڻجي ويو ڏوھارين خلاف ڪاروائيون جاري آهن جلد سمورا مغوي بازياب ڪرايا ويندا.ايس ايس پي امجد شيخ
خبر موجب؛ ڪنڌڪوٽ شھر جي عيد گاھہ پاڙي مان 29 جون تي اغوا ٿيل 6 سالن جو معصوم صداقت حاجاڻو کي دراني مھر ٿاڻي جي ڪچي مان پوليس پاران ڏوھارين خلاف آپريشن دوران بازياب ڪرايو ويو پوليس ترجمان موجب مسلسل آپريشن سبب ڏوھاري پنهنجا ٺڪاڻا تبديل ڪري رھيا ھئا ته پوليس پھچي ڪري ڪاروائي ڪئي جنهن دوران ڏوھاري ٻار کي ڇڏي فرار ٿي ويا واقعي جو اي سيڪشن ٿاڻي تي ڪيس داخل ٿيل آهي ٻار گھر پھچڻ تي خوشي جو ماحول پيدا ٿي ويو شھر جا سياسي سماجي تنظيمن جا اڳواڻ به گھر پھچي ويا ايس ايس پي امجد شيخ رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته پوليس ڏوھارين جي خلاف مسلسل ڪاروائيون ڪري رھي آهي جنهن ڪري ڏوھارين جو گھيرو تنگ ٿي ويو آهي ڏوھارين جي قيد ۾ سمورا مغوي بازياب ڪرايا ويندا ڏوھارين جو خاتمو ڪري ضلعي ۾ امن امان قائم ڪرايو ويندو،