عيد جي موقعي تي مرغي کائيندي پيٽ ۾ سور ، گيسٽرو جهڙيون ٻين بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آھيون
رات جي وقت اسان کي مرغي فارمن جا مالڪ مڻن جي تعداد ۾ مرغيون ڏئي وڃن جن مان ڪيتريون مرغيون مئل نڪرن ٿيون:مرغي دڪاندار فوڊ اٿارٽي وارا ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ڪنڌڪوٽ ، مختيارڪار ڪنڌڪوٽ کي گهرجي فوري طور تي مرغي فارمن جي مالڪن مٿان ڪاروائي ڪئي وڃي ڪنڌڪوٽ شھر جي هر مرغي دڪان تي ٻٽي مئل مرغيون نڪرن ٿيون ، جن مان ڪي دڪاندار مئل مرغيون پڃري ڪڍي اڇلائين ٿا ته وري ڪي لالچي دڪاندار وري اهي مئل مرغيون صاف ڪري وڪرو ڪن ٿا:شھري اسان سان به مرغي فارمن وارا مئل مرغيون ڏئي اسان کي نقصان ڏئي رهيا آھن:مرغي دڪاندار ڪيترائي شھري بيماري واريون مرغيون کائي ڪيترن بيمارين ۾ وڪوڙجي ويا آھن هاڻي انتظاميان ۽ فوڊ اٿارٽي کي گهرجي ته فورن هنن مرغي فارمن جي مٿان ڪاروائي ڪري شھرين کي بيمارين کان بچايو وڃي