تفصيل موجب: ڪنڌڪوٽ جي صحافي شھيد شاھد سومرو جي 21 ورسي جي تقريب پريس ڪلب ۾ رکي وئي جنهن ۾ سياسي، سماجي صحافي، وڪيل برادري سميت وڏي انگ ۾ شھرين شرڪت ڪئي تقريب کي خطاب ڪندي پاڪستان پيپلزپارٽي ضلع جنرل سيڪريٽري ضلع ڪائونسل جي وائيس چيئرمين مير الطاف احمد کوسو، صدر مسعود عالم سومرو، سرپرست اعليٰ پريس ڪلب گل محمد خان جکراڻي، شھري اتحاد جي صدر ڊاڪٽر میھر چند، سنڌ بار ڪائونسل ميمبر ڊسٽرڪٽ بار جي جنرل سيڪريٽري وڪيل عبدالغني بجاراڻي، پي ٽي آءِ اڳواڻ دودو خان نندواڻي، ايس ٽي پي ضلعي صدر اڪرم باجڪاڻي، ايس يو پي اڳواڻ ظريت بجاراڻي، جسقم اڳواڻ والي ڏنو سنڌي، جسم اڳواڻ ڪامريڊ عباس باجڪاڻي، سماجي اتحاد اڳواڻ راجا بابو عيساڻي، سينئر صحافي غلام ياسين لاشاري، راجا گوپي چند، فقير گوڪل داس، مقدم فتح محمد سبزوئي، شھيد شاھد سومرو جو ڀاءُ عبدالعزيز سومرو، جان محمد ملڪ ـ سعيب علي ڊومڪي ـ پير بخش بنگوار، بقا محمد بنگوار ۽ ٻين چيو ته صحافت ذريعي مظلوم عوام جو آواز بلند ڪيو سرداري، جاگيرداري نظام ذريعي عوام سان ٿيندڙ ظلم زيادتين ۽ ناانصافين خلاف ڀرپور جدوجھد ڪرڻ تي شھيد شاھد سومرو کي شھيد ڪيو ويو ھو اڄ شھيد شاھد سومرو زنده آهي 21 سال اڳ اليڪٽرڪ ميڊيا سوشل ميڊيا جو دؤر نه ھو انھي دؤر ۾ ڪنڌڪوٽ جي صحافين عوام جو آواز اٿاريو ھو جيڪو سلسلو اڄ به جاري آهي پريس ڪلب ڪنڌڪوٽ جا صحافي شھيد شاھد سومرو جي ڏنل راھہ تي ھلندا آهن شھيد صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ قرارداد پاس ڪرائي سنڌ حڪومت، سنڌ پوليس کان مطالبو ڪيون ٿا ته فوري جان محمد مھر جا قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي شھيد شاھد سومرو جي قبر تي گل نڇاور ڪري دعا گھري وئي ورسي جي مناسبت سان شھيد شاھد سومرو، شھيد جان محمد مھر جي تصويرن آڏو ميڻ بتيون ٻاري ڀيٽا پيش ڪئي وئي.