ڪنڌڪوٽ : ضلعي اندر وڌندڙ بدامني خلاف ۽ سمورن مغوين جي بازيابي لاءِ ھندو پنچائت ء جماعت اسلامي

ڪنڌڪوٽ : ضلعي اندر وڌندڙ بدامني خلاف ۽ سمورن مغوين جي بازيابي لاءِ ھندو پنچائت ء جماعت اسلامي ايس ٽي پي سنڌ يونائيڊ پارٽي صرافا بازار يونين قومي عوامي تحريڪ جي سڏ تي پوري ضلعي جيان ھيڊ ڪوارٽر شھر ڪنڌڪوٽ ۾ به ٻئي ڏينهن به سمورا ڪاورباري مرڪز صرافا بازار اعواڻ مارڪيٽ شجراھ چوڪ گھنٽا گهر چوڪ ء ٻيا ڪاروباري مرڪز بند ڪري شٽر بند ھڙتال ڪري گھنٽا گھر چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو مظاھرين گھنٽا گهر چوڪ کان ٿيندي پريس ڪلب آڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ان موقعي تي اڳواڻن حاجي حضور بخش مغل سونارو صرافا يونين جو صدر ڊاڪٽر ميھر چند جماعت اسلامي جي غلام مصطفي ميراڻي ايس ٽي پي جي ضلعي صدر اڪرم علي باجڪاڻي سنڌ يونائيڊ جي ظريت بجاراڻي قومي عوامي تحريڪ سجاد بروھي اشوڪ ڪمار سونارو سنيل ڪمار سونار فائق علي جکراڻي ء ٻين جو چوڻ آهي ته پوليس مکي جڳديش ڪمار، معصوم جئدیپ ڪمار، ساگر ڪمار ڊاڪٽر منير نائیچ سمیت سمورن مغوین کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آھي انھن وفاقي حڪومت، سنڌ حڪومت، اعليٰ ادارن کان مطالبو ڪيو آھي ته ڌاڙيلن خلاف فوجي آپريشن ڪري انھن جو خاتمو آندو وڃي ۽ سمورن مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي جيستائین سمورا مغوي بازياب نه ٿيندا ھڙتال جو سلسلو اڻ مدي تائین جاري رھندو