ڪنڌڪوٽ : ضلعي سکر واسي پريمي جوڙو تحفظ لاءِ ڳوٺ محمود خالد واسڻ نور النساء خالدي، ڳوٺ پير بخش واسي رياض علي خالدي تحفظ لاءِ میڊيا سينٽر ڪنڌڪوٽ پھچي ويا

ڪنڌڪوٽ ضلعي سکر واسي پريمي جوڙو تحفظ لاءِ ڳوٺ محمود خالد واسڻ نور النساء خالدي، ڳوٺ پير بخش واسي رياض علي خالدي تحفظ لاءِ میڊيا سينٽر ڪنڌڪوٽ پھچي ويا انھي موقعي تي پريميڪا نورالنساءِ خالدي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان پاڻ ۾ پيار ڪندا آھيون گھران نڪري پنھنجي رضا خوشي سان ڪنڌڪوٽ جي سيشن ڪورٽ ۾ ھڪ ھفتو اڳ پيار جو پرڻو ڪيو آھي جنھن بعد منھنجي برادري جا ماڻھون عبدالحئي خالدي، نورالدين خالدي، ھدايت اللّٰه خالدي، عليم خالدي جاني دشمن بڻجي ويا آھن منھنجي مٿان پنوعاقل ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو اٿن اسان خوف خوف واري زندگي گذاري رهيا آهيون اسان ٻنهي جي زندگين کي خطرو آهي ايس ايڇ او پنوعاقل اسان کي پيسا گھري ٿو جنهن ڪري هاڻي تحفظ جي لاءِ اعليٰ عدليه ، سنڌ حڪومت، سنڌ پوليس ، سکر ڊويزن جي ڊي آءِ جي ، ايس ايس پي سکر سميت وس وارن کي اپيل آهي ته منھنجي مٿان داخل ڪيل ڪيس ختم ڪيو وڃي ھاڻي اسان پنھنجي پر سڪون زندگي گذارڻ چاھيون ٿا اسان ٻنھي ڄڻن کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي،