ڪنڌڪوٽ : ضلعي مان اغوا ٿيل مکي جڳديش ڪمار، جئدیپ ڪمار، آڌيش ڪمار، فرحان سومرو، مقبول ميراڻي

ڪنڌڪوٽ : ضلعي مان اغوا ٿيل مکي جڳديش ڪمار، جئدیپ ڪمار، آڌيش ڪمار، فرحان سومرو، مقبول ميراڻي سميت سمورن مغوين جي بازيابي لاءِ ميڊيڪل ايسوسيئیشن جي سڏ تي شھر جي مختلف ڪاروباري طبقي جي ماڻھن پاران پرڪاش لال منشاڻي، انجنيئر لال موٽواڻي، ديپڪ ڪمار، روي ڪمار، آڪاش ڪمار، حاجي حضور بخش مغل۔ اميش ڪمار ٺاڪر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ لائبریري چوڪ کان گھنٽا گھر چوڪ تائین احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھڻي زوردار نعريبازي پڻ ڪئي انھي موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائیندي چيو ته ضلعي مان مکي جڳديش ڪمار، جئدیپ ڪمار، فرحان سومرو سميت ٻيا مغوي ڌاڙيلن وٽ قيد ۾ آھن جن جا وارث سخت پريشان بڻيل آهن مظاھرين ايس ايس پي امجد شيخ کان مطالبو ڪيو ته ضلعي مان اغوا ٿيل سمورن مغوين کي جلد بازياب ڪرائي ضلعي اندر امن امان بحال ڪرايو وڃي ـ ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ايس ايس پي امجد احمد شيخ جو چوڻ ھو ته مون کي ھتي مقرر ٿيندي 17 ڏينھن ٿيا آھن مون کان پھريان روزانو ماڻھو اغوا ٿين پيا ۽ مون اچڻ سان ئي مغوين جي بازیابي لاءِ جوڳا اُپاءُ ورتا آهن ۽ 11 مغوي بازياب ڪرائي چڪو آھيان جڏھن ته ظالم ڌاڙيلن وٽ ٽن ٻارڙن سميت 10 مغوي قيد آھن جن کي جلد بازياب ڪرائي