ڪنڌڪوٽ :ضلعي ڪشمور جي مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري جو غوثپور ڀرسان دراني مھر جي ڪچي واري علائقي ۾ ڏوھارين سان مبينه مقابلو ٿي پيو

ڪنڌڪوٽ :ضلعي ڪشمور جي مختلف ٿاڻن جي پوليس نفري جو غوثپور ڀرسان دراني مھر جي ڪچي واري علائقي ۾ ڏوھارين سان مبينه مقابلو ٿي پيو۔ ڪشمور پوليس جي ذريعن ٻڌايو ته سي آ۽ اي ۽ اسپيشل ٽيم ۽ مختلف ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز جنھن ۾ گھوڙا گھٽ ٿاڻي جو ايس ايڇ او عبدالحميد جتوئي۔ گيھلپور ٿاڻي جو ايس ايڇ او شفيع محمد بنگوار ۽ جمال ٿاڻي جو انچارج سکيو خان چولياڻي شامل آھن گڏيل ڪاروائي ڪري پنج مھينا اڳ عورتاڻي آواز تي ھرکجي مبينا اغوا ٿيل خيبر پختون خواھ/KPK جي علائقي بٽگرام جي رھواسي ٻن ڄڻن محمد صادق ۽ محمد يوسف پٺاڻ کي ڏوھارين کان بازياب ڪرائي ورتو آھي ٻئي مغوي پوليس ڪچي مان موبائيل ۾ کڻي ڪنڌڪوٽ ايس پي آفيس آندا آھن جٿي کانئن تفصيل ورتي پئي وڃي۔ پوليس ٻڌايو ته صبحاڻي صبح جو کين ڪوچ ذريعي پنھنجي صوبي ڏانھن روانو ڪيو ويندو