ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ) ڪنڌڪوٽ ۾ عوامي تحريڪ پاران ڌاڙيل راڄ، 27هين آئيني ترميم، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ نون ڊيمن ۽ ڪئنالن خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن ۾ شرڪت ڪندڙن پاران سخت نعريبازي ڪئي وئي۔ مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ ۽ لاقانونيت کي سرڪاري سرپرستي حاصل آهي۔ شهباز–بلاول اتحادي حڪومت آمريڪا سان ڳجهي ڊيل ڪري سنڌ جا وسيلا حوالي ڪري رهي آهي۔ هن چيو ته پيڪا ايڪٽ ۽ اينٽي ٽيررزم ترميمي ايڪٽ ذريعي آئين جي لتاڙ ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي، جڏهن ته ماڻهن کي فيئر ٽرائل جهڙو بنيادي حق به نه پيو ڏنو وڃي۔ هن وڌيڪ چيو ته ڪارا قانون آڻي 25 ڪروڙ عوام جي آواز کي دٻايو ويو آهي، ميڊيا ۽ عدليا کي مڪمل ڪنٽرول هيٺ آڻي اڻ اعلانيل مارشل لا مڙهي وئي آهي۔ وسند ٿري وڌيڪ چيو ته 27هين ترميم سنڌين، بلوچن، پشتون، سرائيڪين ۽ ٻين قومن لاءِ ڊيٿ وارنٽ آهي۔ هن الزام هنيو ته پيپلز پارٽي جي سردارن جي سرپرستي کانسواءِ ڌاڙيل هڪ ماڻهو کي به اغوا نٿا ڪري سگهن۔ مرڪزي سينيئر نائب صدر عوامي تحريڪ نور احمد ڪاتيار چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ وسيلي لکين ايڪڙ زمين ڌارين حوالي ٿي رهي آهي، ٻيلن جي زمين به ڪمپنين کي ڏني پئي وڃي۔ هن مطالبو ڪيو ته ٻيلن کي هنگامي طور بحال ڪيو وڃي ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ زمين ڏيڻ جو عمل فوري طور بند ڪيو وڃي۔ ان موقعي تي ايڊووڪيٽ آصف کوسو خطاب ڪندي چيو ته نوان ڊيم ۽ ڪئنال ٺاهي سنڌ جي پاڻي تي مڪمل قبضو ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي، جيڪا سنڌ دشمن پاليسي آهي۔