ڪنڌڪوٽ : غوثپور اڍائي مهينا اڳ پنجاب جي شهر لاهور مان مبينا طور اغوا ٿيل مائي ياسمين آرائين اغوا ڪار ٽولي پاران 10 لک روپين ۾ وڪرو ڪري شادي ڪرائي ڇڏي پنجاب جي رهواسڻ عورت ياسمين ڳوٺ سرور دين بجاراڻي جا رهواسي پنهنجي مڙس امن ۽ ڏير صابر ڀيو ساڻ ڪري نيشنل پريس ڪلب پهچي ويئي سندن ميڊيا اڳيان دانھيندي چيو ته مون اڍائي مهينا اڳ ۾ لاهور شهر جي درٻار تي ٻن سهيلن سان گڏجي گهمڻ ويئي هئيس ته اڻڃاتل ھٿياربندن هٿان ٻن عورتن سميت اغوا ٿي ويئي هئيس جنهن بعد مون کي لاڙڪاڻي ڀر سان هڪ ڳوٺ ۾ رکي مسلسل تشدد ڪيو ويندو هو جٿي مون کي غوثپور ڀر سان ڳوٺ جمال واسي فدا سولنگي. سائين بخش سولنگي ۽ الله ورايو عمراڻي مون کي ذات جو پنهور ڃاڻائي صابر ڀيو کي وڪرو ڪري منهنجو زبردستي انجي ڀاءُ سان نڪاح ڪرائي ڇڏيو هو منهنجي نڪاح ڪرائڻ کانپوءِ مون شادي جي پهرين ڏينهن تي ئي پنهنجي ڏنل نڪاح ۾ ڏنل مڙس کي سموري حقيقت ڪئي ته مون ذات جي پنهور نه پر پنجاب جي شهر لاهور جي رهواسڻ آهيان ته انهن مون تي يقين ڪندا مون کان فون نمبر وٺي منهنجي وارثن کي اطلاع ڪيو ۽ منهنجي به فون وسيلي ڳالھ ڪرائي ۽ منهنجي وارثن کي چيو ته توهانجي عورت اسان وٽ آهي ان کي وٺي وڃو ٻئي پاسي 10 لکن ۾ خريد ڪندڙ عورت صابر ڀيو جو چوڻ هو ته مون کي ڪوڙ هڻي اغوا ٿيل عورت سان منهنجي ڀاءُ جي شادي ڪرائي مون سان فراڊ ڪري ڳوٺ جمال ڍوري جا رهواسي فدا سولنگي. سائين بخش سولنگي. ۽ الله ورايو عمراڻي 10 لک روپيا وٺي فراڊ ڪري ويا آهن جنهن جي لکت ۽ جوبدارن جا شناختي ڪارڊ به موجود آهن نڪاح بعد اسان کي ياسمين ٻڌايو ته پنجاب جي رهواسي آهيان اغوا ڪري مون کي لاڙڪاڻي ڀر سان ڳوٺ ۾ باندي بڻائي مسلسل تشدد ڪندا هئا جنهن بعد مون اهڙي واقعي جي اين سي. جمال ٿاڻي تي داخل ڪرائي هئي پر پوليس اغوا ڪار ٽولي کان ڳري رشوت اوڳاڙڻ بعد جوبدارن خلاف ڪا به ڪاروائي نه ڪئي مبينا طور اغوا ٿي ويل عورت ۽ سندن جي مڙس ايس ايس پي ڪشمور روحل کوسو کان مطالبو ڪيو آهي ته بنا ڪنهن دير جي اغوا ٿيل عورت وڪرو ڪندڙ ڳوٺ جمال واسي فدا سولنگي. سائين بخش سولنگي. ۽ الله ورايو عمراڻي کي گرفتار ڪري رقم واپس ڪرائي مغوي عورت کي پنهنجي وارثن حوالي ڪيو وڃي