لاش جون ٻئي ٻانھون ڪٽيل آھن حد جي پوليس واقعي کان بي خبر بڻيل آھي۔ ڳوٺاڻن خوف سبب لاش کي پاڻي کان نه ڪڍيو۔ لاش جي حالت خراب ھجڻ سبب سندس اڃان تائين سڃاڻپ نه ٿي سگھي۔ وڌيڪ رابطي ڪرڻ تي ڳوٺاڻن فون تي ميڊيا وارن کي ٻڌايو ته گذريل پنجن ڪلاڪن کان ڪنھن مرد جو ٻانھون ڪٽيل لاش ڪچي جي ڳوٺ فوجو لولئي ڀرسان قالو پتڻ واري علائقي ۾ موجود درياء ۾ پيو آھي۔ لاش جي حالت سخت خراب ھجڻ سبب ڳوٺاڻن کيس ڊپ مان پاڻي مان نه ڪڍيو آھي۔ ھنن چيو ته حد جي پوليس کي اطلاع ڪرڻ باوجود ڪير به لاش ڪڍڻ نه آيو آھي