تفصيل موجب غوثپور ٿاڻي جي حد مين انڊس هاءِ وي تي ڪار اڏي ڀرسان ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار چار اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان مظهر سندراڻي مارجي ويو جوابدارن مٿس جديد ھٿيارن سان فائرنگ ڪري کيس مرڻينگ ڪري ھوائي فائر ڪندا فرار ٿي ويا اھڙي اطلاع ملندي ئي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتول جو لاش کي کڻائي شھر جي رورل ھيلٿ سينٽر ۾ آندو جتي پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو لاش گهر پهچڻ تي قعورام مچي ويو غوثپورعلائقي ۾ چئوٻول آھي ته واقعو ساوند۔ سندراڻي پراڻي دشمني تان پيش آيو، واقعي بابت جاچ ڪريون پيا۔ پوليس جو موقف۔ واقعي بعد مقتول جا وارث ۽ سوين شھري اسپتال پھچي ويا۔ سندس وارث ھنجون ھاري روئڻ لڳا۔ آخري اطلاعن موجب ڪيس داخل نه ٿي سگھيو۔۔