ڪنڌڪوٽ :غوثپور لڳ ڏھ ڏينھن اڳ غوثپور ڀرسان مئن انڊس ھا۽ وي

ڪنڌڪوٽ غوثپور لڳ ڏھ ڏينھن اڳ غوثپور ڀرسان مئن انڊس ھا۽ وي تي شير ڳڙھ لاڙو واري علائقي مان اڻ ڄاتل ھٿياربندن ھٿان مبينه اغوا ڪيل ڪشمور واري علائقي جي ڳوٺ گيھلپور واسي ٽرڪ ڊرائيوارمشتاق محمداڻي ۽ علي مراد محمداڻي کي ڪرمپور پوليس بازياب نه ڪرائي سگھي آھي۔ متاثر مغوين جي وارثن رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسان مغوين جي بازيابي لا۽ ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪيو سي ته ڊي ايس پي ڪنڌڪوٽ ۽ ايس ايڇ او ڪرمپور منٿون ڪري روڊ کولرايو ۽ ٽن ڏينھن جي مھلت ورتي ھاڻي ان مھلت کي به ڏھ ڏينھن ٿيڻ وارا آھن پر حد جي پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آھي۔ ٻئي پاسي متاثرن جي گھرن ۾ ڪھرام متل آھي ۽ پاڪ ڪتاب جو ورد جاري آھي مغوين جي وارثن آ۽ جي سنڌ ۽ ڊي آ۽ جي لاڙڪاڻي کان مطالبو ڪيو ته اسانجا مغوي ترت بازياب ڪرائي اسان مان بي چيني ختم ڪئي وڃي