ڪنڌڪوٽ ـ شھيد صحافي جان محمد مھر جي قاتلن کي گرفتار نه ڪرڻ واري عمل خلاف پي ـ ايف ـ يو جي ـ

ڪنڌڪوٽ ـ شھيد صحافي جان محمد مھر جي قاتلن کي گرفتار نه ڪرڻ واري عمل خلاف پي ـ ايف ـ يو جي ـ جي سڏ تي ڪنڌڪوٽ ۾ ڪشمور ڪنڌڪوٽ يونين آف جرنلسٽس ۽ ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب پاران صدر علي حسن ملڪ ـ جنرل سيڪريٽري غلام رسول ميراڻي ـ پريس ڪلب جي صدر مسعود عالم سومرو ـ پير بخش بنگوار ـ دليپ ڪمار ٺاڪر ـ بقا محمد بنگوار ـ راجا گوپي چند ـ حفيظ ملڪ ـ غلام ياسين لاشاري ـ نيڪ محمد سھرياڻي ـ دلبر بنگوار ـ لطيف ميرالي ـ قدرت الله ميراڻي ـ جاويد ملڪ ـ وقار اعواڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري علامتي بک ھڙتال ڪئي وئي ـ مظاھري ۾ شريڪ صحافين ھٿن بينر کڻي زوردار نعري بازي پڻ ڪئي انهيَ موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته سکر جي سينئر نالي واري صحافي جان محمد مھر کي ناحق بيدردي سان شھيد ڪيو ويو پوليس قتل ۾ ملوث مک جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪري سگهي جنهن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا ھنن نگران سنڌ حڪومت ۽ آء جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري انصاف ۽ سندس جي وارثن کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي ـ