ڪنڌڪوٽ: قومي عوامي تحريڪ طرفان مرڪزي جنرل سيڪريٽري مظهر راھو جو ـ ضلعي صدر فدا حسين مھمداڻي ـ سجاد بروھي ـ ارصلاح بھلڪاڻي ـ وڪيل ادب علي سھرياڻي ـ رحمت الله ڇڄڻ جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن سنڌو درياھ مان وفاقي حڪومت طرفان ڇھ نوان ڪئنال ڪڍڻ واري عمل خلاف گھنٽاگھر چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي سنڌو تي ڪئنال نامنظور نوان ڪئنال سنڌو درياھ مان ڪڍڻ نامنظور ـ بند ڪيو سنڌ جو پاڻي چوري ڪرڻ بند ڪيو جا ڪارڪنن زوردار نعرا ھڻندا رھيا جڏهن ته قومي عوامي تحريڪ جي جي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آهي ته وفاقي حڪومت سنڌو درياھ مان ڇھ نوان ڪڍي ڪري سنڌ جي سرسبز زمينن کي بنجر بڻائڻ ٿي چاهي ۽ پنجاب جي غير آباد زمينن کي آباد ڪرڻ چاهي ٿي اھڙي منصوبي تي ڪم ڪرڻ پنجاب ۽ وفاق کي ڪرڻ نه ڏينداسين ھنن چيو آهي ته سنڌو درياھ تي پاڻي جو بنيادي حق سنڌين جو آهي ۽ سنڌو اسان سنڌين جي جياپي جو مسئلو آهي ڪنهن کي به سنڌو درياھ تان ھڪ ڦوڙو پاڻي چوري ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين ھنن چيو ته نوان ڪئنال ٺاهڻ وارو منصوبو وفاقي حڪومت فوري طور تي ختم ڪري ٻئي صورت ۾ سنڌ جا وارث سنڌي پنهنجي پاڻي ۽ پنهنجي ڌرتي جي بقا خاطر احتجاجن وفاق خلاف روڊن تي نڪري ايندي