ڪنڌڪوٽ :قومي عوامي تحريڪ ضلعي ڪشمور پاران سارين جي گھٽ اگھ ملڻ ھارين ۽ آبادگارن جي معاشي قتل عام خلاف گھنٽاگھر چوڪ کان ڊي سي ڪشمور جي آفيس تائين قومي عوامي تحريڪ ضلعي ڪشمور صدر فدا حسين محمداڻي، ارصلاح بھلڪاڻي سجاد بروھي علي مراد سبزوئي امجد علي ملڪ غلام رسول گولو غلام نقي سھرياڻي غلام شبیر جاگيراڻي رحمت الله ڇڄڻ شاھد سھرياڻي ا عجاز بجاراڻي ڊاڪٽر قدرت الله باجڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ھارين ۽ آبادگارن ريلي ڪڍي ڊي سي ڪشمور آفيس آڏو ڌرڻو ھنيو اڳواڻن جو چوڻ ھو ته سنڌ جي زراعت تباھ ٿي وئي آهي. جنھن جا ذميوار پيپلز پارٽي سرڪار، زراعت ۽ آبپاشي کاتو، اناج منڊي انتظاميا ۽ مقامي ضلعي انتظاميا جنھن ۾ ڊي سيز شامل آھن. پاڻيءَ جي کوٽ ۽ وقت تي نه ملڻ، ڀاڻ، تيل ۽ زرعي دوائن جون ڳاٽي ٽوڙ قيمتون ۽ وري فصل جي نامناسب ريٽ سنڌي ھارين ۽ آبادگارن کي آپگھات تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي. قومي عوامي تحريڪ، اناج منڊي ۽ ڊي سي جي ملي ڀڳت سان سارين جي اگھ کي گھٽ ڪرڻ جي مذمت ڪري ٿي. اسين سمجھون ٿا ته اھا ھارين ۽ آبادگارن سان سراسر ناانصافي آهي. سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ سارين جو في مڻ 3500 کان 3800 رپيا آھي پر ڪشمور ضلعي جي اناج منڊي ھارين ۽ آبادگارن جو معاشي قتل ڪرڻ لاءِ 2500 رپيا في مڻ اگهه مقرر ڪيو آهي جيڪا کلي دھشتگردي ۽ ظلم آھي.ھنن وڌيڪ چيو ته سارين جي ريٽ ۾ واڌ ڪري ھارين ۽ آبادگارن کي سبسڊي ڏني وڃي ۽ في مڻ گھٽ ۾ گھٽ 5000 رپيا مقرر ڪيو وڃي. اسين سمجھون ٿا جيڪڏهن ايئن نه ڪيو ويو ته ھاري بکون ڪاٽڻ تي مجبور ٿي ويندو ۽ آبادگار قرضا به نہ لاھي سگھندو. قومي عوامي تحريڪ پوري سنڌ جيان ڪشمور ڪنڌڪوٽ ۾ به پنھنجي ھاري ڀائرن سان گڏ رھندي ۽ اناج منڊي انتظاميا ۽ ضلعي انتظاميا ڊي سي خلاف سخت ترين احتجاج ڪندي رھندي.