ڪنڌڪوٽ: لڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد مان ھٿياربندن جي ڪائنات اسڪول تي چڙهائي چوڪيدار الله رکيو قمبراڻي ڀائٽيو فاروق احمد قمبراڻي کي ھٿياربندن ھٿيار جي زور تي اغوا ڪري ويا مغوي جي بازيابي لاءِ وارثن پاران احتجاج مظاهرو شڪارپور سکر انڊ ھاء وي بلاڪ ڪري ڇڏيو قمبراڻي برداري مڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪشمور ضلعي اندر وڌندڙ بدامني معمول بڻيل اسان حڪومت کان مطالبو ڪيون ٿا ته ڪمشور ضلعي اندر وڌندڙ بدامني تي ڪنٽرول ڪرڻ لاء ضلعي اندر فوج آپريشن ڪيو وڃي ۽ اسان جي مغوي کي جلد کان جلد بازياب ڪرايو وڃي نه ته ٻئي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو