پوليس ۽ رينجرس جي گڏيل ڪارروائي دوران ڏوهارين ۽ پوليس توڙي رينجرس جي اهلڪارن وچم ڪيترن ئي ڪلاڪن کان فائرنگ جي ڏي وٺ هلندڙ آهي۔ پوليس ۽ رينجرس ڳوٺ ڳهڻو خان ڀيو ۾ ڪئمپ قائم ڪري ورتي آهي۔ فائرنگ سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو آهي۔ فائرنگ سبب آسپاس جا رهواسي خوف مان گهرن تائين محدود ٿي ويا آهن۔ جڏهن ته ڏوهارين ۽ رينجرس ۽ پوليس وچم راڪيٽ لانچر ۽ اينٽي ايئر ڪرافٽ گن ٻين جديد هٿيارن جو پڻ استعمال ڪيو پيو وڃي۔ فائرنگ سبب هن وقت تائين ڪي به جاني نقصان جا اطلاع ناهن ملي سگهيا آھن۔ فائرنگ سبب پوليس ۽ رينجرس آر ڊي 219 پل کان ڳوٺ قياس خان ڀيو تائين ايندڙ ويندڙ ماڻهن جا رستا بند ڪري ڇڏيا آهن۔ اهلڪارن جو چوڻ آهي ته ڏوهارين ۽ پوليس وچم فائرنگ جي ڏي وٺ هلندڙ آهي جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي روڪيو ويو آهي جئين ڪنهن عام ڳوٺاڻن کي ڪو نقصان نه رسي۔ واضع رھي ته ڪجھ ڏينھن اڳ ڏوھارين پوليس ۽ رينجرز اھلڪارن مٿان ڌار ڌار حملا ڪيا ھئا جن ۾ ھڪ پوليس اھلڪار شھيد ۽ ٽي رينجرز جا اھلڪار سخت زخمي ٿيا ھئا