تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ لڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد خير شاھ وٽ نامعلوم هٿياربندن گولا برادري جي نوجوان کان اڳ وٺي موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي م گوليون لڳڻ سبب شفيع محمد کوسو جي رهواسي مٺل گولو سخت زخمي ٿي پيو جڏهن ته زخمي ڪرڻ بعد سي ڊي 2023 موٽر سائيڪل روڪ رقم ء موبائيل فون ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي ويا اهڙو اطلاع پوليس کي ڏنو ويو پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمي کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي ڪشمور ضلعي م بدامني اغوا ڦر چورين جي وارداتن م اضافو ٿي رهيو آهي پر ڪشمور ضلعي جي پوليس صرف مال ميڙڻ ء فوٽو سيشن م پورا آهن ڪشمور ضلعي جي پوليس امن امان ڪرائڻ م ناڪام ٿي ويا آهن