ڪنڌڪوٽ : لڳ نامعلوم ھٿياربندن جو جعفري برادري جي نوجوان کان موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار جعفري برادري جو ٺل ڪنڌڪوٽ روڊ بند ڪري ڇڏيو ٻن طرفن کان گاڏيون بيھجي ويون تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ لڳ بي سيڪشن ٿاڻي جي حد اوڳاھي لاڙي وٽ استاد خادم حسين جعفري جي ڀاءُ شبير احمد جعفري کان نامعلوم هٿياربند 2022 ماڊل موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا,جڏهن تـ جعفري برادري جا سوين ماڻهوَ واقعي واري ھند پنھچي مائي مسجد لڳ ٺل ڪندڪوٽ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو ڌرڻي دوران ٻن طرفن کان گاڏيون بيھجي ويون ان موقعي تي مظاھرين چيو ته ڦر ٿيل موٽرسائيڪل واپس ڪرائي ڏني وڃي