ڳوٺ احمد خان سندراڻي جي برادري جا سوين ھٿياربندن ڳوٺ مقدم جانگھير خان ساوند تي چڙھائي ڪري جديد ھٿيار استعمال راڪيٽ لانچر دستي بم ايئر انٽي گن ڪلاشنڪوف جا پڻ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي م ڳوٺ ملان جيوڻ خان گولو جو رهواسي SHO بهائي خان گولو جو چاچو محمد رمضان جيڪو ڪڻڪ جي فصل ڀاڻ ڏئي رھيو ھو ته گوليون لڳڻ سخت زخمي ٿي پيو ء ساوند برادري جي معصوم نينگري ڪائنات ڌي آزاد ساوند پڻ زخمي ٿي پئي اھڙو اطلاع ڏيڻ جي باوجود به گبلو پوليس نه پھتي فائرنگ بند ٿيڻ بعد زخمين کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو جڏهن ته ٻئي ڌريون مورچابند ٿي ويون آهن ڪنهن به وقت خونريزي وڌي سگهي ٿي ياد رهي ته سندراڻي ء ساوند تڪرار ڪارنھن جي معاملي تان شروع ٿيو ھن وقت تائين ٻن ڌرين جا 14 کان وڌيڪ ماڻهو قتل ٿي ويا آهن