ڪنڌڪوٽ لڳ ڳوٺ الطاف خان ڏاهاڻي جي رهواسين جو تنگواڻي شاخ ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاج آبپاشي عملي خلاف سخت نعريبازي پڻ ڪئي ان سلسلي ۾ ڳوٺ جي چڱي مڙس مقدم ڇتو خان ڏاهاڻي غلام مرتضي عبدالحق چولياڻي پير بخش ڏاهاڻي علي حسن ۽ ٻين چيو ته گذريل هڪ مهيني کان وٺي آبپاشي جي ڪرپٽ عملدارن رشوت نه ملڻ ڪري تنگواڻي شاخ جو پاڻي بند ڪري ڇڏيو جنهن جي سوين ايڪڙ تي پوکيل ساريالو فصل سڪِي سڙي ويو آهي جنهن عمل خلاف اسان اڳ به احتجاج ڪري واڳ ڌڻين کي سجاڳ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر انهن جي ڪن تي جونء به نه چري آهي احتجاج ڪندڙن چيو ته آبپاشي عملدار برسات جو بهانو ڄاڻائي اسان جا فصل سڪائي اسان کي لکين روپين جو مالي نقصان ڏنو آهي جنهن جي خلاف اسان عدالت سڳوري جو در کڙڪائينداسين اسين هن احتجاج ذريعي وس وارن اعلي اختيارين کان اپيل ڪريون ٿا اسان جي ڪيل احتجاج جو نوٽيس وٺي ڪرپٽ عملي خلاف ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي