ڪنڌڪوٽ : لڳ 6 ڏينهن اڳ زمين تي پاڻي ڏيڻ ويل گولا برادري جي نوجوان ظفر الله گولو کي 10 کان وڌيڪ ھٿياربندن ھٿيارين جي زور تي اغوا ڪري ويا پر پوليس خاموش بڻيل وارثن سان ايس ايس پي جي رابطو نه ايس ايڇ او جو رابطو وارثن جي گهر ۾ روڄ راڙو متل وارثن جو پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو اسان جي نوجوان کي ھٿياربندن ھٿيارين جي زور تي اغوا ڪيو ويو پوليس اسان کي ايس ايڇ او سان ملڻ به نه ٿا ڏين سومر واري ڏينهن چوڏهين آگسٽ روڊ بند ڪيو ويندو وارثن رحمت الله يونس قمرالدين ھارون عبدالرحمن نبي بخش شمن عرفان امير بخش امان الله ء ٻين جو صحافين سان ڳالهيون تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ لڳ 6 ڏينهن اڳ بخشاپور ٿاڻي جي حد زورڳڙھ ڀرسان کاھي وٽ زمين تي پاڻي پيارڻ لاء ويل گولا برادري جو نوجوان ظفرالله گولو کي 10 کان وڌيڪ ھٿياربندن ھٿيارين جي زور تي اغوا ڪري ويا جنهن کي 6 ڏينهن گذري ويا آهن پر ڪشمور مغوي ظفرالله گولو کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي اھڙي عمل گولا برادري ء وارثن جو پوليس خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي ان موقعي تي وارثن يونس قمرالدين اسحاق معشوق رحمت الله آصف حاجي نياز محمد گولو ھارون عبدالرزاق انعام الله امان الله شمن گولو ء ٻين چيو ته مغوي ظفرالله گولو کي اغوا ٿيندي 6 ڏينهن ٿي ويا آهن ڪشمور پوليس خاموش بڻيل آهي بڊاڻي پوليس ايس ايڇ او سان ملڻ به نه ڏي ڪشمور پوليس اسان جي مغوي ظفرالله گولو کي ٻن ڏينهن اندر بازياب نه ڪرايو ته اسان چوڏهين آگسٽ تي ڪشمور ڪنڌڪوٽ انڊس ھاء وي بند ڪنداسين ھنن جو ذميوار ايس ايس پي ڪشمور ھوندو ھوڏانھن مغوي ظفرالله گولو جي گهر م قعورام متل آهي سندس گهر م سوڳ وارو ماحول ڇانيل آهي