ڪنڌڪوٽ: مختلف سياسي سماجي تنظيمن طرفان ڊاڪٽر ميھر چند ـ دلمراد ڏاھاڻي ـ سجاد بروھي ـ عبيد الله گولو جي اڳواڻي ۾ سياسي ڪارڪنن

ڪنڌڪوٽ: مختلف سياسي سماجي تنظيمن طرفان ڊاڪٽر ميھر چند ـ دلمراد ڏاھاڻي ـ سجاد بروھي ـ عبيد الله گولو جي اڳواڻي ۾ سياسي ڪارڪنن ۽ شھرين پريس ڪلب آڏو ڪنڌڪوٽ مان ھٿياربندن ھٿان اغوا ٿيل خالد ميراڻي ـ صدر الدين ميراڻي ـ علي بھار سھرياڻي ـ ذيشان ـ شمن سھرياڻي ـ درمحمد گولو ـ گل محمد گولو سميت ھڪ درجن کان وڌيڪ مغوين جي بازيابي لاء احتجاج ڪيو ويو ـ احتجاج ڪندڙن عبيدالله گولو سليم ميراڻي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آهي ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيل مغوي ڪچي جي علائقي ۾ ڌازيلن وٽ قيد بڻيل آهن جن جي بازيابي لاء اسين مسلسل احتجاج ڪري رھيا آھيون تنهن باوجود به ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ مغوين کي بازياب ڪرائڻ لاء ڏوھارين خلاف ڪا به ڪاروائي نه ڪري رهي آهي جنهن ڪري مغوين جي گھرن ۾ بيچيني وارو ماحول پکڙيل آهي ھنن چيو ته ضلعي ۾ بدامني چوٽ تي چڙھيل آهي عام ماڻهو بدامني سبب سخت پريشان آهي ھنن ڊي آء جي لاڙڪاڻو ۽ ايس ايس پي ڪشمور ڪنڌڪوٽ کان مطالبو ڪندي چيو آهي ته ڌاڙيلن وٽ باندي بڻيل مغوين کي جلد بازياب ڪرائي وارثن ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪئي وڃي ائين نه ڪيو ويو ته مغوين جي بازيابي تائين احتجاجي سلسلو جاري رکيو ويندو