ڪنڌڪوٽ :مختلف سياسي پارٽين طرفان غلام مصطفيٰ ميراڻي، دلمراد ڏاھاڻي، ڊاڪٽر ميھر چند، ڊاڪٽر سريش آنند، ظریت بجاراڻي،

ڪنڌڪوٽ مختلف سياسي پارٽين طرفان غلام مصطفيٰ ميراڻي، دلمراد ڏاھاڻي، ڊاڪٽر ميھر چند، ڊاڪٽر سريش آنند، ظریت بجاراڻي، بشير ميراڻي جي اڳواڻي ۾ ڪارڪنن اڇا جھنڊا کڻي لائبريري چوڪ کان پريس تائين امن ريلي ڪڍي وئي امن ريلي جي اڳواڻي ڪندڙ اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي ۽ امن ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته ڪشمور ڪنڌڪوٽ جي رھواسين بدامني سبب گهڻو ڀوڳيو آهي ڌاڙيلن جي ٽولن جي ڪاروائين سبب عام ماڻهو خوف واري زندگي گذاري رھيو ھو ھينئر امن امان جي صورتحال اڳ جي ڀيٽ ۾ ڪجھہ بھتر ٿي آهي ھنن چيو ته ضلعي اندر مختلف قبيلن وچ ۾ ھلندڙ خوني تڪرارن جي نبيري لاءِ ھتان جي قبيلائي سردارن سميت ايس ايس پي کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گھرجي جئين جھيڙيندڙ ڌرين وچ ۾ ھلندڙ خوني تڪرار ختم ٿي وڃن ۽ بيگناھہ ماڻهن جي قتل ٿيڻ وارو سلسلو ختم ٿي وڃي