موٽر چوري ٿي ويا پوليس بي خبر بڻيل آهي تفصيل موجب؛ ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب جي صحافي احمد علي مغل جي گھر جو پاڻي وارو موٽر پمپ سميت نامعلوم چور تالا ڀڃي ڪري چوري ڪري ويا ساڳي علائقي مرزانپور پاڙي مان ٽن وڌيڪ گھرن مان به چور موٽر لاھي کڻي ويا جنهن بابت حد جي پوليس سي سيڪشن ٿاڻي کي اطلاع ڏنو ويو پر پوليس ڪا به ڪاروائي نه ڪئي پوليس واقعن کان بي خبر ٿي ستل آهي جڏھن ته شھري چوري واقعن سبب آزار ۾ آهن ڪجهه ڏينهن اڳ ممتاز محلي مان صحافي نصير منگي جي گھر اڳيان بيٺل موٽر سائيڪل نامعلوم چور ڪاھي ويا ۽ ڪجهه ڏينهن اڳ صحافي راجا گوپي چند جي گلشير محلي ۾ گھر اڳيان موٽر سائيڪل چور ڪاھي ويا جيڪي پوليس اڃا تائين واپس نه ڪرائي سگهي آهي