ڪنڌڪوٽ: مغوين جي بازيابي لاء ھندو ء مختلف تنظيمن پاران ڪشمور ضلعي جي بخشاپور بڊاڻي ڪشمور ڪنڌڪوٽ گڊو م مڪمل شٽر بند ھڙتال جاري تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ ضلعي اندر وڌندڙ بدامني خلاف ۽ سمورن مغوين جي بازيابي لاءِ ھندو پنچائت جي سڏ تي پوري ضلعي جيان ھيڊ ڪوارٽر شھر ڪنڌڪوٽ ۾ به سمورا ڪاورباري مرڪز بند ڪري شٽر بند ھڙتال ڪري گھنٽا گھر چوڪ تي احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو مظاھرين جو چوڻ ھو ته پوليس مکي جڳديش ڪمار، معصوم جئدیپ ڪمار، ساگر ڪمار ڊاڪٽر منير نائیچ سمیت سمورن مغوین کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آھي انھن وفاقي حڪومت، سنڌ حڪومت، اعليٰ ادارن کان مطالبو ڪيو آھي ته ڌاڙيلن خلاف فوجي آپريشن ڪري انھن جو خاتمو آندو وڃي ۽ سمورن مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي جيستائین سمورا مغوي بازياب نه ٿيندا ھڙتال جو سلسلو اڻ مدي تائین جاري رھندو بڊاڻي ۾ اغوا انڊسٽري