ڪنڌڪوٽ :ميونسپل ڪاميٽي جي مين گيٽ آڏو ميونسپل ڪاميٽي جي رٽائرڊ ملازمن کنڊو شيخ، مائي شاھہ گل

ڪنڌڪوٽ : ميونسپل ڪاميٽي جي مين گيٽ آڏو ميونسپل ڪاميٽي جي رٽائرڊ ملازمن کنڊو شيخ، مائي شاھہ گل، خير محمد شيخ، مائي انور خاتون، مائي ميران خاتون، مائي قائمه شيخ، عبدالستار شيخ، غلام حسين ڀٽي جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو آهي ته اسان کي ڪيترن سالن کان وٺي ڊفرنس نٿو ڏنو وڃي اھڙي مھانگائي جي دؤر ۾ گھر جو خرچ نٿو ھلي سگهي تمام ملازمن کي 2023 جون پگهارون ڏنيون ويون آهن اھڙي طرح اسان رٽائرڊ ملازمن کي واڌو پگهار ڏني وڃي جيئن گھر جا اخراج صحيح نموني سان گذر سفر ڪري سگھون، ھنن چيو تہ چيف سردار مير عابد خان سندراڻي ۽ مير راشد خان سندراڻي کي اپيل ڪيون ٿا ته اسان رٽائرڊ ملازمن جي پينشن ۾ واڌ ڪري وڌيڪ پريشاني کان بچايو وڃي،