ڪنڌڪوٽ : هينڊز اين جي او جي پت وائکي جنهن جو زميوار ويرڀان تلريجا آهي

ڪنڌڪوٽ: هينڊز اين جي او جي پت وائکي جنهن جو زميوار ويرڀان تلريجا آهي اڄ ڳوٺ گلشير جکراڻي يوسي ڪنب گهر گهر سروي مهم جي سلسلي م آيل هينڊز ٽيم م شامل افسر ڳوٺاڻن کان پنج پنج هزار ڀتو وٺڻ لڳا ڳوٺاڻن پاران جواب ڏنو ويو ان بنياد تي ته اسين انتهائي غريب آهيون هيڏي مهانگائي آهي پيٽ پالي ڪون ٿا سگهون اوهان کي رشوت جا پنج پنج هزار ڪٿان ڏيون ۔ڳوٺاڻن جو اهو جواب ٻڌي هينڊز جا آيل نمائندا سروي ڇڏي واپس هليا ويا ڳوٺاڻن پاران ان ڪڌي عمل جو ڊپٽي ڪمشنر جناب منور علي مٺياڻي کي اطلاع بزريعه فون پڻ ڏنو ويو ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته هينڊز عملدارن خلاف ڪاروائي ڪري ڳوٺ جي مڪمل سروي ڪرائي وڃي جيئن آيل فنڊ مان مستحق غريب ڳوٺاڻا فائدو حاصل ڪري سگهن