ڪنڌڪوٽ : واپڊا آفيس ۾ عوام کي رليف ڏيڻ ۽ سندن شڪايتون ٻڌڻ لاء سيپڪو پاران کلي ڪچھري منعقد ڪئي وئي کلي ڪچھري ۾ چيف انجنيئر بشير احمد شيخ ـ سپريڊنٽ انجنيئر پرويز ڦلپوٽو ـ ايڪس اي اين عبدالحق ڏاھاڻي ـ ايس ڊي او عبدالنبي قريشي ـ واپڊا ھائيڊرو اليڪٽرڪ ورڪر يونين چيئرمين اصغر علي بجاراڻي ۽ ٻيا عملدار شريڪ ھئا ـ کلي ڪچھري ۾ شھرين واڌو بلن ـ اوور ريڊنگ ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شڪايتون نوٽ ڪرايون شھرين جو چوڻ ھو ته غريب آھيون واڌو بل ادا ڪٿا ڪريون مھانگائي جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو آهي تدارڪ ڪيو وڃي ـ ان دوران چيف انجنيئر بشير احمد شيخ ۽ ٻين عملدارن جو چوڻ ھو ته کلي ڪچھري ۾ مليل شڪايتون جلد حل ڪيون وينديون بجلي چوري ۽ بقاياجات جي وصولي لا۽ ڪاروائيون جاري آهن بلن جي ادائگي بھتر ۽ بجلي چوري ختم ٿيندي ته لوڊشيڊنگ ۾ به گھٽتائي اچي ويندي ھنن چيو ته شھرين کي وڌ ۾ وڌ رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھيون