ڪنڌڪوٽ ويجهو ڳوٺ موريو سبزوئي نزد شمس سي اين جي جي رھواسي اخلاق آفتاب احمد بھلڪاڻي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته چار ڏينهن پھريان منهنجي گھر ۾ ڌاڙيل عمران بھلڪاڻي نور حسن بھلڪاڻي جو پٽ جيڪو ساٿين سان گڏجي منهنجي گھر ۾ حملو ڪري منهنجي گهر ۾ اندر گھري منهنجي ڀيڻ کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. جنهن جي مزاحمت ڪري اسان ڇوڪري کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو. ۽ اغوا ڪار ڌاڙيل عمران بھلڪاڻي کي اسان سوگھو ڪري ورتو ۽ باقي ان جا ساٿي فرار ٿيڻ ۾ڪامياب ٿي ويا. اسان ڌاڙيل عمران بھلڪاڻي کي بي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس جي حوالي ڪيو. جنهن ۾ پوليس اسان جي ايف آئي آر داخل نه ڪئي. چار ڏينهن بعد ڌاڙيل کان پيسا وٺي ان کي آزاد ڪري ڇڏيو. جوابدار کي ڇڏڻ کان ھڪ ڪلاڪ بعد عمران بھلڪاڻي منهنجي گھر کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. اسان بي سيڪشن ٿاڻي تي ايف آئي آر داخل ڪرائڻ لاءِ ويٺا ھئا سين ۽ پوليس اسان کي آسرا ڏي پئي. ته پويان انهن اسان جي گهر کي باهه ڏئي ڇڏي. جنهن ۾ منهنجي گھر جو سڄو سامان سڙي ويو. گھر ۾ پيل پيٽيون، کٽ، بوھ ۽ پلال ساڙي ڇڏيو. ۽ پيٽي ۾ پيل 5 تولا سون ۽ روڪ رقم 4 لک رپيا کڻي فرار ٿي ويا.اسان ايس ايس پي ڪشمور جناب بشير احمد بروهي آئي جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ ۽ ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي کان مطالبو ٿا ڪيون ته اسان سان انصاف ڪيو وڃي.