ڪنڌڪوٽ وڪيل جي قتل معاملي تي عدالتي ڪارواين جو بائيڪاٽ قاتل گرفتار نه ٿيڻ جي صورت ۾ روزانو احتجاج جاري

ڪنڌڪوٽ وڪيل جي قتل معاملي تي عدالتي ڪارواين جو بائيڪاٽ قاتل گرفتار نه ٿيڻ جي صورت ۾ روزانو احتجاج جاري رکڻ جو اعلان وڪيل جو قتل ڪيس 3 نامعلوم ڏوهارين مٿان داخل ٿي ويو خبر موجب 4 ڏينهن پهريان ڏوهارين هٿان قتل ٿيندڙ وڪيل نور محمد عرف علي رضا منگي جي قاتلن جي گرفتاري لاء وڪلا برادي پاران عدالتي ڪارواين جو بائيڪاٽ ڪري تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو.ڊسٽرڪٽ بار جي وڪلا برادري پاران سيشن ڪورٽ کان پيادل مارچ ڪري مقتول نوجوان وڪيل نور محمد عرف علي رضا منگي جي تڏي تي پهتا.وڪلا برادري جي احتجاج ۾ وڏي انگ ۾ وڪيل احتجاج ۾ شريڪ ٿيا.وڪلا برادري پاران پوليس خلاف ڇتي نعري بازي ڪئي امن ڏيو جا نعرا هنيا ويا.ان موقعي تي اڳواڻن ڊسٽرڪٽ بار صدر محسن پٺاڻ.جنرل سيڪريٽري آفتاب چنه.سنڌ بار ڪائونسل ميمبر عبدالغني بجاراڻي ـ سيد سڪندر علي شاھ ـ منور علي ڀٽو ـ سيد زاھد شاھ ـ قربان منگي ـ ۽ ٻين جو چوڻ هو ته عام ماڻهو روز روڊ رستن تي ڏهارين جي ظلم جو شڪار ٿين ٿا هاڻ ته آفيسر طبقو ۽ وڪيل به نشاني تي آهن.پوليس 3 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود قاتل گرفتار نه ڪري سگهي آهي.اسين قاتل گرفتار نه ٿيڻ تائين روزانو جي بنياد تي ڊسٽرڪٽ سيشن ڪورٽ جي احاطي ٻاهريان احتجاج جو سلسلو جاري رکنداسين.ضلعي جون حالتون انتهائي خراب آهن پر ضلعي جي حالاتن تي پوليس جو ڪوبه ڪنٽرول ناهي.وڪيل جا ڏوهاري قاتل گرفتار ڪري ضلعي ۾ امن و امان بحال ڪرايو وڃي.