ڪنڌڪوٽ : يونين آف جرنلسٽس ۽ ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب جي صحافين طرفان سنڌ جي نامور ۽ سينئر صحافي جان محمد مھر جي قتل خلاف ۽ قاتلن جي گرفتاري لاء پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو

ڪنڌڪوٽ : يونين آف جرنلسٽس ۽ ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب جي صحافين طرفان سنڌ جي نامور ۽ سينئر صحافي جان محمد مھر جي قتل خلاف ۽ قاتلن جي گرفتاري لاء پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو مظاھري ۾ صحافين ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي پلي ڪارڊ کڻي زوردار نعري بازي پڻ ڪئي انهيَ موقعي تي يونين آف جرنلسٽس جي صدر علي حسن ملڪ ـ پريس ڪلب جي صدر مسعود عالم سومرو ـ غلام رسول ميراڻي ـ پير بخش بنگوار ـ راچا گوپي چند ـ حفيظ ملڪ ـ نصير منگي عبدالخالق چاچڙ غلام ياسين اوڳاھي ـ علي اڪبر بنگوار ـ ممتاز سنڌي ـ قدرت الله ميراڻي ـ نذير ميراڻي ـ عبداللطيف گولو ـ وقار اعواڻ ۽ ٻين صحافين جو چوڻ ھو ته شھيد جان محمد مھر سنڌ جي مظلوم ماڻهن جو آواز بلند ڪري اتر سنڌ جي مسئلن کي اجاگر ڪيو جنهن کي دھشتگردن رات جي اونڌاھي ۾ شھيد ڪري صحافت مٿان وار ڪيو ويو آهي جنهن جي جيتري مذمت ڪجي گھٽ آهي ھنن مطالبو ڪيو ته جان محمد مھر جي قاتلن ۽ سھولتڪارن کي گرفتار ڪري کين ڪيفر ڪردار تائين پھچايو وڃي