ڪنڌڪوٽ: پريس ڪلب آڏو ايس يو پي پاران امن ريلي بڊاڻي کان ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي جنهن کان مختلف علائقن مان گذرندي امن ڏيو بدامني ختم ڪرڻ جا زوردار نعرا هنيا ويا، ريلي جي اڳواڻي دلمراد ڏاھاڻي، شاھنواز مرھٽو ، حاجي الطاف بنگوار ، چوٽو جکراڻي ۽ ٻن ڪئي جتي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوري ضلعي ۾ بدامني عروج تي پھتي آهي اھو ڏينهن خالي ڪونه آهي جنهن ڏينهن ڪنهن کي اغوا نه ڪيو ھجي، ھنن چيو ضلعي مان اغوا ٿيل مغوين کي فل ڦور بازياب ڪرايو وڃي، ھنن چيو ته شھر ۾ ڪاروبار تباھ ٿي ويو آهي ۽ سندس ڪيترائي خاندان ڏلڏپلاڻ ڪري ويا آهن جنهن ڪري شھرين ۾ خوف واري صورتحال آهي، ھنن ايس ايس پي امجد شيخ کي اپيل ڪندي مطالبو ڪيون ٿا ته اغوا ٿيل شھرين کي بازياب ڪرائي وارثن مان بيچيني ختم ڪرائي امن بحال ڪيو وڃي