ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب آڏو ميگھواڙ نوجوان اتحاد پاران پريا ڪماري ،سهرياڻي برادري جا اغوا ٿيل ذيشان سھرياڻي ،علي بھار سھرياڻي، شمن سھرياڻي جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو

ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب آڏو ميگھواڙ نوجوان اتحاد پاران پريا ڪماري ،سهرياڻي برادري جا اغوا ٿيل ذيشان سھرياڻي ،علي بھار سھرياڻي، شمن سھرياڻي جي بازيابي لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جتي ميندر ڪمار، رئيس امر لال ،راجا بابو عيساڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جتي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته سنڌ حڪومت ناڪام ٿي وئي آهي ڪشمور پوليس اڃا تائين مغوين کي بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، ھنن چيو ته پوليس کک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو آهي اسان جا پيارا ڌاڙيلن جي قيد ۾ آھن عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿيل آهن، ھنن وزير اعلي سنڌ سيد مراد علي شاھ، آء جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي کان مطالبو ڪجي ٿو ته اغوا ٿيل مغوين کي بازياب ڪرايو وڃي نه ته احتجاج ڪيو ويندو