ڪنڌڪوٽ پريس ڪلب آڏو پي ايس ٽي ۽ جي ايس ايس ٽي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو غير آئيني پابندي خلاف ڪليم اللّٰه ڀيو ـ سرفراز شاھہ ـ نور علي ڀيو ـ منظور احمد اوڳاهي ـ برڪت ملڪ ـ زاھد نصيراڻي ۽ ٻين ھٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو مظاھرین جو چوڻ ھو ته تعليم کاتي ۾ ڀرتين تان پابندي ھٽائي وڃي ۽ ميريٽ جي بنياد ڀرتين وارو عمل شروع ڪري اسان سان انصاف ڪري آفر آرڊر جاري ڪيا وڃن ۽ بي چيني ختم ڪئي وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو ڪراچي سي ايم هائوس تائين وڌايو ويندو ھنن نگران وڏي وزير کي اپيل ڪئي آهي ته پابندي ھٽائي نوڪرين جا آفر آرڊر ڏنا وڃن ـ