ڪنڌڪوٽ :پريس ڪلب ۾ شھيد صحافي جان محمد مھر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ پي ايف يو جي جي مرڪزي سڏ تي يونين آف جرنلسٽ پاران علي حسن ملڪ ـ مسعود سومرو ـ غلام رسول ميراڻي ـ پير بخش بنگوار ـ غلام ياسين لاشاري۔ احمد علي مغل ـ عبدالطيف ميرالي عبدالخالق چاچڙ فخر بلوچ مير علي اڪبر بنگوار ـ نصير منگي ـ ممتاز سنڌي ـ قدرت الله ميراڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي ھٿن ۾ بينر کڻي احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعري بازي ڪئي وئي انھي دوران صحافين جو چوڻ ھو ته سنڌ پوليس ۽ نگران سنڌ حڪومت اڃان تائين قاتلن کي گرفتار نه ڪري سگهي آهي سنڌ جي بھادر صحافي ۽ مظلومن جو سگھارو آواز ھميشا لاءِ ختم ڪيو ويو پر حڪمران قاتلن کي گرفتار ڪري بيگناھہ قتل ڪيل جان محمد مھر جي خون سان انصاف نه ڪري سگهي آهي ـ جان محمد جي خون سان انصاف لاء اسين سراپا احتجاج آھيون اسان جو مطالبو آهي ته جلد قاتل گرفتار ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي ٻئي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو