ڪنڌڪوٽ ايس ايس پي. بشير احمد بروھي جي ھدايتن تي خفيه اطلاع تي پوليس ڪاروائي ڪندي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد مھمداڻي پڪٽ وٽ ھڪ ٽرڪ مان وڏي مقدار ۾ اصلو ھٿ ڪري 7 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتا آھن اي ايس پي نعمان ظفر ڪنڌڪوٽ خفيه اطلاع ملڻ تي ڪاروائي ڪندي ٽرڪ مان 7 جوابدار علي بخش گبول عبدالشڪور گبول فرمان ملڪ اويس احمد ابڙو عبدالقادر ابڙو مجاھد حسين ابڙو شھمير سبزوئي کي گرفتار ڪري چار ڪلاشن ڪوف 12 ھزار گولويون 35 مگزين ھٿ ڪيا آھن ٽرڪ مان 4 جي ٿري رائفل 2 ٽي ٽي پسٽل 200 گوليون 7 مگزين 75 ڪارتوس ھڪ عدد ايم فور اي ون ھٿ ڪري ٽرڪ کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي اي ايس پي نعمان ظفر جوابدار ٽرڪ تي ڪي پي ڪي کان ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري علائقي ۾ ڏوھارين کي ھٿيار ڏيڻ وڃن پيا ته سندس خفيه اطلاع ملڻ تي پوليس ڪاروائي ڪئي آھي اي ايس پي نعمان ظفر ۽اي ايس پي ڪشمور محمد عاشر جو پريس ڪانفرنس