ڪنڌڪوٽ : غوثپور ڀرسان مئن انڊس ھا۽ وي تي ڳوٺ شير ڳڙھ ڀرسان شاھ حسين لاڙو واري علائقي ۾ ڏھ کان وڌيڪ اڻ ڄاتل ھٿياربندن رات دير سان ايندڙ ويندڙ مسافر گاڏين تي سڌي فائيرنگ ڪري ڪاھ ڪئي ھٿياربند ڏوھارين ڪشمور کان شڪارپور ويندڙ ھڪ ٽرڪ تي حملو ڪري ٽرڪ ۾ سوار ٻن ڄڻن ڪشمور واسي ڳوٺ حاجي خميسو مزاري جي رھواسين مشتاق پٽ دلمراد ۽ علي مراد پٽ عيدن محمداڻي کي لاھي مبينه اغوا ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا۔ اھڙي واقعي جي اطلاع بعد ڪرمپور ۽ ناپر ڪوٽ سميت مختلف ٿاڻن جي وڏي پوليس نفري ۽ بڪتر بند گاڏيون واقعي واري ھنڌ پھچي علائقي کي گھيري ھيٺ آڻي ڏوھارين خلاف سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو پر ذريعن موجب ڏوھاري اونڌاھي جو فائدو وٺي پوليس جو گھيرو ٽوڙي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا۔ ٻئي پاسي مغوين جا وارث ۽ ڀر پاسي جا ڳوٺاڻا اڄ صبح جو واقعي واري ھنڌ گڏ ٿي ويا ۽ ٽرڪ کي روڊ تي بيھاري رڪاوٽون وجھي روڊ بند ڪري ڇڏيو آھي۔ مغوين جي وارثن دلمراد۔ سالار۔ ڪانڊيرو ۽ رحمت الله محمداڻي ميڊيا کي ٻڌايو ته پوليس جي چئن ۽ موبائيلون موجود ھوندي ڏوھاري روڊ تي چڙھي سرعام ڪاروائي ڪري اسانجا ماڻھو لاھي اغوا ڪري ويا آھن۔ اسانجو ڌرڻو تيستائين جاري رھندو جيستائين اسانجا ماڻھو نه موٽندا۔ اسان کي پوليس ڏوھارين جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي ڏنو آھي ٻئي طرف ڪرمپور لڳ ڌرڻي دوران سردار عطا محمد محمداڻي واري ھنڌ پھچي وارثن سان ملاقات ء ھمدردي جو اظهار ڪيو ء ڀرپور ساٿ ڏيڻ جو واعدو ڪيو ايس ايس پي ڪشمور امجد احمد شيخ جي ٽيم پي سي او ملڪ عباس سي آء اي پاسبان اياز کيڙو سڪندر پنھوار ڌرڻي واري ھنڌ پھچي مظاھرين سان ڳالهيون ڪري ٽن اندر بازياب ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي جنهن بعد سردار عطا محمد خان محمداڻي جي حڪم تي محمداڻي برادري پاران روڊ کوليو ويو