شريف لاڙي وٽ گاڏهي برادري ۽ چولياڻي برادري جي هٿياربندن هڪ ٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا. مارجي ويلن ۾ نواب گاڏهي، حفيظ گاڏهي، رحيم بخش گاڏهي، راڻو گاڏهي شامل آهن. اهڙي اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ رواني ٿي وئي آهي.
گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ مارجي ويلن جا لاش واقعي واري پيل آهن. هٿياربند واقعي کان پوءِ فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. ياد رهي ته چولياڻي ۽ گاڏهي برادري ۾ هلندڙ پراڻي تڪرار تان فائرنگ سبب ڪجهه ڏينهن اڳ به 2 ڄڻا مارجي ويا هئا.