بڊاڻي شهر ۾ ڀٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان مسجد اندر جهيڙو
لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ٻنهي ڌرين جا 10 ماڻهون زخمي ٻنهي ڌرين جي زخمين کي مياڻي ايٽ بڊاڻي ٿاڻي تي آندو ويو جٿان ضروري ڪاروائي بعد زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال برقرار تفصيل موجب بڊاڻي شھر ڀرسان فقير محمد اسحاق ڀٽو جي مسجد ۾ سڱاوتي تڪرار تان ڀٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب ٻنھي ڌرين جا 10 ڄڻا سخت زخمي اسپتال منتقل بڊاڻي مياڻي ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد نواز ڀٽو ۾ سڱاوتي تڪرار تان مسجد اندر جھيڙو لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب وزير احمد ڀٽو عبدالعزيز قدير احمد عبدالجبار صدام حسين ۽ سڌير احمد ڀٽو سميت 10 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا زخمين کي وارثن کڻائي مياڻي ٿاڻي تي آندو جتا ضروري ڪاغذي ڪاوائي بعد زخمين کي ليٽر ڏئي اعلاج لاء بخشاپور اسپتال موڪليو ويو واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو آھي*