ڪنڌڪوٽ چيف جسٽس سنڌ عقيل احمد عباسي ڊسٽرڪٽ بار پھتو نئي چونڊيل صدر محسن خان پٺان، جنرل سيڪريٽري آفتاب احمد چنہ سميت عھديدارن کي حلف کڻايو جنھن بعد تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس سنڌ ھاء ڪورٽ عقيل احمد عباسي چيو ته ڪنڌڪوٽ ضلعي ۾ امن امان تمام گھڻو خراب آهي ڪنڌڪوٽ اچي رھيو ھيس ته ھڪ جج صاحب چيو ته ڪنڌڪوٽ وڃي رھيا آيو جيڪو نوگو ايريا آهي جنهن بعد طئي ڪيم ھاڻي ڪنڌڪوٽ ويندس خبر پئي آهي ته ڏوھارين ھڪ مغوي کي قتل ڪيو آهي جيڪو افسوسناڪ واقعو آهي اسان کي آزاد ٿي 75 سال ٿي ويا آهن پر اڃان تائين ساڳيا ھي قبيلائي تڪرار ساڳيا مسئلا معاملا آهن جنهن ڪري ھاڻي اسان کي ھنن مان ٻاھر نڪرڻو آهي ايس ايس پي ۽ ڊي سي ضلعي ۾ امن امان جي حوالي سان 15 ڏينهن تائين گڏجاڻيون ڪن ٻڌائين ته نفري گھٽ آهي يا فنڊ جي ضرورت آهي جيڪي اوھان کي فراھم ڪرايا وڃن اوھان انڊس ھاءِ وي تي چوڪيون قائم ڪيو ڏوھارين جو خاتمو ڪيو ھاڻي غلفت برداشت نه ٿيندي سنڌ ۾ امن امان بحال ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويندا اللّٰه تعاليٰ حوصلو ڏنو آهي ته ڪم ڪئين ڪجي ۽ آفيسرن کان ڪئين ڪرائجي تقريب بعد بار ۾ لائيبريري جو به افتتاح ڪيو،