ڪنڌڪوٽ : ڊرينيج سسٽم ناڪارا ٿيڻ ڪري شھر ۾ نالين جو گندو پاڻي اٿلي پيو شھر جي اھم روڊ ڊي سي آفيس

ڪنڌڪوٽ : شھر جي ڊرينيج سسٽم جي ناڪارا ٿيڻ بعد شھر ۾ گندو پاڻي روڊ رستن ۽ گھٽين ۾ نڪرڻ روز جو معمول بڻجي ويو شھر جي اھم ڪاروباري مرڪز گھنٽا گھر چوڪ ۽ اھم روڊ ڊي سي آفيس روڊ تي گٽرن جو گندو پاڻي اٿلي پيو جنهن ڪري روڊ تي پاڻي تلاءُ جي صورت ۾ جمع ٿي ويو جنهن ڪري عوام کي روڊ کان گذر ۽ اچ وڃ لاءِ سخت پريشاني مان گذرڻو پيو انھي روڊ تي قائم سوين دڪانن جو روزگار به بند رھيو پاڻي روڊ تي ھجڻ ڪري ڪا به گھراڪي نه ٿي آهي جڏھن ته ميونسپل ڪاميٽي جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته مين لائين ڦاٽڻ سبب لائين بند ٿي وئي آهي جنهن جو ڪم سکر کان گھرايل ٽيم ۽ ميونسپل ڪاميٽي جو صفائي عملو ڪري رھيو آهي جلد پاڻي نيڪال ڪيو ويندو،