ڊپٽي ڪمشنر هلندڙ برسات مان پيدا ٿيندڙ صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪنڌڪوٽ شهر جي مختلف علائقن هيبت روڊ گهنٽا گهر مساڻ روڊ ڊي آفيس روڊ جو دورو ڪيو ۽ هلندڙ مينهن کان بعد نڪاسي جي عمل جو جائزو ورتو.
ڊپٽي ڪمشنر امير فضل اويسي سي ايم او مقصود علي جتوئي مينهن ۽ ان کان بعد واري صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ نڪاسي جي عمل کي تيز ڪرڻ جون ڪامورن کي هدايتون جاري ڪيون سيپڪو عملدارن کي بجلي جي فراهمي کي يقيني بنائڻ جي هدايت ان موقعي تي ميونسپل عملدارن چيو ته هلندڙ مينهن ۾ ميونسپل عملو ڪم ڪري رهيو آهي مينهن جي مسلسل هلڻ جي ڪري ڏکيائي ٿي رهي آهي مينهن جي بند ٿيڻ بعد جلد شهر مان پاڻي جي نڪاسي جو عمل کي تيز ڪيو ويندو.