ڪنڌڪوٽ کان تنگواڻي ويندڙ ٽي ڄڻا مبينا طور اغوا ٿي ويا عيد جي ڏينهن تي دوستن سان ملڻ لاءِ تنگواڻي ويا جنهن جا نمبر بند آهن وارث

تفصيل موجب عيد واري ڏينهن دوستن سان ملڻ لاءِ ڪنڌڪوٽ کان تنگواڻي ويل ٽي ڄڻا لياقت علي شيخ محبوب ملڪ ۽ ڪراڙو ملڪ مبينا طور اغوا ٿي ويا آهن جنهن جا نمبر بند پيا آهن ان موقعي تي وارثن جو چوڻ آهي ته عيد جي ڏينهن تي دوستن سان ملڻ لاءِ ڪنڌڪوٽ کان تنگواڻي ويا آهن اڃا تائين واپس گهر نه آيا آهن هنن وڌيڪ چيو ته ڇوڪرن جا نمبر به بند پيا آهن اسان کي شڪ آهي ته ڪٿي اغوا نه ٿي ويا هجن اسان ايس ايس پي ڪشمور بشير احمد بروهي کان مطالبو ٿا ڪيون ته فورن نوجوانن جي بازيابي لاءِ ڪوشش ڪئي وڃي مغوين جي گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو آهي