تفصيل موجب خانپور تعلقي جي ڪوٽ شاھو ٿاڻي حد ڪچي واري علائقي ڳوٺ خير محمد ڪوش ۾ پراڻي زمين جي مالڪيء تان ڪوش برادريء جي ٻن ڌرين محمد الياس ڪوش جتوئي ۽ ڀيو ڪوش جتوئي ۾ جهيڙو ٿي پيو آھي ڌرين پاران ھڪ ٻئي مٿان جديد ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا فائرنگ جي نتيجي ۾ ھڪ ئي ڌر ڀيو ڪوش ڌر جا ٻن عورتن سميت پنج ڄڻا قتل ٿي ويا قتل ٿي ويلن ۾ عبدالغني ڪوش جتوئي, غلام مصطفي ڪوش جتوئي, علي شير ڪوش جتوئي ۽ ٻه عورتون شامل آهن, جڏهن ته هڪ عورت جي زخمي ٿيڻ جا اطلاع پڻ آهن, مارجي ويلن جا لاش پوليس واقعي واري ھنڌ پھچي خانپور اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن, پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي, لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو, ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال آهي