پريس ڪلب ڪنڌ ڪوٽ اڳيان بڊاڻي جي ڳوٺ عطاء الله ڀٽو جي رهواسڻ لڇمي ٻائي مڙس جي تشدد خلاف معصوم ٻارڙن سميت احتجاج ڪيو ان موقعي تي لڇمي ٻائي روئيندي ميڊيا کي ٻڌايو ته ته گذريل چوڏهن سالن کان وٺي منهنجو مڙس روشن ميگھواڙ مون مٿان بلا جواز تشدد ڪندو پيو اچي عورت ٻڌايو ته منهنجو مڙس نشو ڪندو آهي مان گهر جو چرخو هلائڻ لاء سرندي وارن جي گهر ۾ ڪم ڪري گذارو ڪندي آهيان متاثر عورت ٻڌايو ته مڙس خلاف مون برادري جي معززين سميت علائقي جي چڱن مڙسن ۽ پوليس کي دانهن ڏني پر ڪنهن به منهنجي دانهن جي داد رسي نه ڪئي جنهنڪري مجبور ٿي ميڊيا اڳيان دانهن جي داد رسي لاء پهتي آهيان آء ايس ايس پي ڪنڌڪوٽ سميت وس وارن کي اپيل ڪيان ٿي ته مون مٿان تشدد ڪندڙ نشئي مڙس خلاف قدم کڻي مون کي تحفظ ڏنو وڃي