ڪنڌڪوٽ گذريل ڏينھن پريس ڪلب جي سرپرست آعلي گل محمد خان جکراڻي جي چوري ٿيل ڪار اڃا تائين واپس نه ٿي سگھي

ڪنڌڪوٽ گذريل ڏينھن پريس ڪلب جي سرپرست آعلي گل محمد خان جکراڻي جي چوري ٿيل ڪار اڃا تائين واپس نه ٿي سگھي چوري واقعي خلاف پريس ڪلب ڪنڌڪوٽ کان سرپرست آعلي گل محمد خان جکراڻي صدر پريس ڪلب پيربخش بنگوار راجه گوپي چند حفيظ ملڪ ياسين لاشاري امداد کوسو عبدالخالق چاچڙ فخر بلوچ احمد علي مغل نيڪ محمد سهرياڻي حضور بخش منگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ايس ايس پي آفيس آڏو ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪندي صحافين چيو ته ڪار واپس ڪري چورن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ ايس ايڇ او اي سيڪشن رفيق احمد کيڙو کي فوري طور ھٽايو وڃي .ان دوران ايس ايس پي بشير احمد بروھي رابطو ڪري ڳالهين لاء وفد کي گھرائي ڌرڻو ختم ڪيو ايس ايس پي سان پريس ڪلب جو وفد صدر پريس ڪلب پيربخش بنگوار گل محمد خان جکراڻي راجا گوپي چند سان ملاقات ڪئي ان موقعي تي صحافين جي وفد ايس ايس پي کي چيو ته گل محمد خان جو ڪار سوچيل سمجھيل سازش تحت چوري ٿي آھي جنھن م جيڪي به ملوث آھن انھن کي گرفتارڪري ڪار واپس ڪرائي وڃي ايس ايس پي بشير احمد بروھي چيو ته بلڪل اھو ٽارگيٽيڊ پلان تحت واقعو پيش آيو آھي ان جي مڪمل طرح جاچ ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪري ڪار ھٿ ڪيو ويندو ڪار چوري جي واقعي جو ڪيس اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪرايو وڃي